سنڌي ٻولي1

سنڌي ٻولي1

سنڌي ٻولي1

سنڌي ٻولي1

سنڌي ٻولي1

سنڌي ٻولي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي محقق، نامياري ناول نگار، اديب ۽ عالم سراج الحق ميمڻ جو سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل/ بڻ بڻياد تي لکيل اهم ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق جي حوالي سان ڪُل پنج باب: (1) ’انسان ڳالهائڻ ڪيئن سکيو‘، (2) ’سنڌي ٻوليءَ‘، (3) ’سنڌي تمدن‘، (4) ’موهن جي دڙي جي سنڌي ٻولي (I)‘ ۽ (5) ’موهن جي دڙي جي سنڌي ٻولي‘ (II) آهن. ليکڪ ابتدائي طور سنڌي ٻوليءَ بابت هڪ تحقيقي مضمون لکي 1959ع ڌاري ڇپرايو هو، جنهن علمي ۽ ادبي ميدان ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. بعد ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان وسيح پيماني تي سائنسي تحقيق ڪري ڪي واڌارا ۽ سڌارا آڻي ’سنڌي ٻوليءَ‘ جي نالي سان 1964ع ۾ ان وڌايل مقالي کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو. هن ڪتاب جو پيش لفظ ليکڪ جو لکيل آهي، جڏهن ته ڪتاب جو ديباچو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ يگاني عالم محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي نظر ۾ رکندي ڪتاب جو انگريزي ۾ پڻ ترجمو ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي شاگردن لاءِ ڪورس تي به رکيل آهي. چارنگي ٽائيٽل ۽ پڪي توڙي ڪچي جلد سان ڊيمي سائيز ۾ هن ڪتاب جو هيءُ ٻيو ڇاپو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان سال 2009ع ۾ شايع ٿيو. 187 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ملهه 120 روپيا آهي. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو ‘Sindhi Language’ جي نالي سان سراج ميمڻ'>امجد سراج ميمڻ ڪيو آهي. هن ڪتاب جو اهو انگريزي ترجمو به سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپائي 2009ع ۾ پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو